ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شاھد خاقان عباسي چيو آهي ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي اچي وئي، ھاڻي انصاف سان ڇا ٿيندو؟ ججن کان ڪير پڇندو؟ آئون  9 سالن کان عداکتن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهيان، اڃا تائين انصاف ناهي مليو، ڪالهه احتساب عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ وزيراعظم کي انصاف نه ملي، اتي عام ماڻھو کي ڪٿان انصاف ملندو؟  هن چيو ته نيب جي اڳوڻي چيئرمين جو احتساب ٿيڻ گھرجي، جسٽس (ر) جاويد اقبال کي حساب ڏيڻو پوندو، بھترين عدالتي نظام کانسواءِ ھي ملڪ نه ھلي سگھندو، هن چيو ته مونکي اڄ به اقتدار جي سياست نظر اچي رھي آھي، اھڙي اليڪشن ڪرائڻ سان ڪو فرق نه پوندو، هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو، ان ڏس ۾ خواجا نويد جو چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت دوران اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪرايو ھو،