ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ويڌن

0
124
ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ويڌن

ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته موهن جو دڙو ۽ شاهه جو رسالو، ترتيب وار سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ جا اڄ به امانتدار آهن. قدرت واري شايد اهي امانتون اڄ جي اسان پارن سنڌ واسين لاءِ سنڀالي رکيون آهن. موهن جي دڙي کي سمجهڻ ۽ کوٽائي وقت هي علائقو گڏيل هندستان هو. ڀارت جي ڪنهن اڳواڻ چواڻي ته، “هن دڙي اندر شهر ملڻ کانپوءِ انگريز سرڪار جو هندستان وارن لاءِ رويو مٽجي ويو هو! نه ته ان کان پهريائين انگريز هندستان جي ماڻهن کي غير مهذب ۽ عام خلق ئي سمجهيو ٿي”. آزاديءَ کانپوءِ هن وقت هي شهر سنڌ ۾ ائين بيٺل آهي، جهڙو مائرون پنهنجي ٻارن کي هنج ۾ ويهارينديون آهن. موهن جي دڙي مان مليل “بادشاهه” جي مورتيءَ جي منهن جي سيرب ۽ ويڙهيل شال جيان اڄ به سنڌ واسي ائين جو ائين پاڻ کي سينگارين ٿا. هر هاري ماڻهن جو ساڳيو ئي ڏاندن سان پيار هلندو پيو اچي. لاڙڪاڻي جا ڪاريگر ته ڏاند گاڏيءَ جي بيهڪ به اها ئي دڙي واري رکيو اچن، ۽ ها، انهيءَ خوشحال ڇوڪريءَ جيان ڪلهي تائين چوڙيون پائڻ جو رواج هاڻي به موجود آهي. سوچيندو آهيان ته ڦوڪ سان وڄائڻ وارا ساز به سنڌ کان شروع ٿيا آهن. موهن جي دڙي مان مليل چنگ ۽ بوڙينڊو انهيءَ جا شاهد آهن. ٻالڪپڻ ۾ ٻوڙينڊي ۾ ڦوڪون ڏيڻ سان گڏ جوئر جي پن کي ويڙهي ڦوڪون ڏئي آواز ڪڍڻ ياد پوي ٿو. ڦوڪي وڄائڻ وارا ٻيا ساز الغوزو، نڙ، شرناءِ، مرلي وغيره هاڻي به وڄندا ڏسبا ۽ ٻڌبا آهن.

ٻئي پاسي سنڌي ٻوليءَ جو امانتدار شاهه جو رسالو، سنڌي ٻوليءَ کي جيئدان بخشي بيٺو آهي، نه ته اسان خاص طرح اڄ جي پڙهيلن سنڌي ٻوليءَ ۾ انگريزي، فارسي ۽ عربي لفظن جي هن وقت ڄاڻي واڻي ايڏي ڀرمار لاتي آهي، جو انهيءَ لهجي کي ڪو نئون نالو ڏئي ڇڏجي ته چڱو! اسان وچولي ۽ اتر وارن وٽ ڀٽائي صاحب جي شاعريءَ لاءِ هڪ اهو تصور به هوندو آهي ته اها پراڻي سنڌي آهي؛ پر مان ان راءِ جو انڪار ڪندي چوندو آهيان ته ڀٽائي صاحب جي شاعري لاڙي لهجي تي بيٺل آهي. اتان جا گل ٻوٽا، وڻ ٽڻ، پيچرا، سامونڊي ٻولي، سسئي جي پنڌ ڪري ٽڪري پيچرن، گاهن، ٻوٽن جا نالا ۽ ذڪر وچولي ۽ اترادين لاءِ نوان هجڻ ڪري ۽ ڪجهه وري سنڌي ٻولي دشمنيءَ سبب ڀٽائيءَ لاءِ پراڻي ٻوليءَ جو تصور هلايو وڃي ٿو. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌي هڪ مڪمل معاشرو رهيو آهي. هڪڙي ڌر زراعت سان واڳيل ته ٻي ڌر واپار سان پنهنجو ناتو جوڙي رکيو. واپاري دنيا ۾ ڳڻپ ته هلندي رهندي آهي ۽ سنڌي ڳڻپ جو منهنجي خيال ۾ معيار “ويهه جو انگ” رهيو، جيڪو هاڻي ڊجيٽل دنيا ۾ ڦري “ڏهه” ٿيو. هي ڊزن وغيره ته اچي انگريزن لاڳو ڪيا هئا. باقي اسان ماڻهن جي وڏڙن “ويهه” کي معيار بڻائي رکيو. ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ هي پهاڪو به هلندو آهي ته، “جهڙيون ٽي ويهيون، تهڙي سٺ” يا اسان جي پاڙي جي جوڳين جون عورتون خاص ڪري ڏيتي ليتي سمجهڻ لاءِ “گهڻيون ويهيون ٿيون؟” پڇنديون آهن. ڳڻپ جي هن معيار کي ‘ڪوڙي’ چيو ويندو آهي. ثابتيءَ لاءِ هاڻي به خيرپور ۾ ٺهندڙ کجيءَ جا وڃڻا ۽ پنڊيون وغيره، ويهه جي انگ سان ٻڌي کپائيندا آهن؛ جنهن کي ‘ڪوڙي’ سڏيو ويندو آهي. ڀٽائيءَ صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ ‘ڪوڙي’ لفظ جو جمع ‘ڪوڙئين’ ڪري ڪم آندو آهي.

ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،

ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،

ڪوڙئين ڪن سلام، اچيو آسڻ ان جي.

يا شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هي بيت:

مَٿي اُتي مُنهنجي، جي ڪوڙين هُئن ڪَپارَ،

تَه وَاري وَاري وَڍيان، سِسِيءَ کي سَئو وَارَ،

تَه پڻ تَند تَنوارَ، موهان مَٿانهون، مَڱڻا!

ڀٽائي صاحب جي ڪم آندل “ڪوڙئين” لفظ مان عام طرح “ڪروڙين” انگ معنى ورتي ويندي آهي، پر اهو اصل ۾ ‘ڪوڙي’ (ويهه جو عدد) جو جمع آهي. شاهه صاحب جنهن وقت/ دؤر ۾ موجود هو ۽ شاعري به ڪئي ته ڇا ان وقت سنڌ جي آبادي ڪروڙن ۾ هئي؟ ته پوءِ ڪيئن ٿا ڪروڙين ماڻهو آسڻ اچن! ها، ڪوڙئين، هاڻي به روزانو حاضري ڀرين ٿا.

مارواڙي قبيلي جي شخص ٻه ٽي دفعا ڏونگهيءَ جو صاف سٿرو کوپرو ڏيڻ لاءِ چيو. هڪ ڀيري مون هن کان پڇيو ته تنهنجي قبيلي جا ڪجهه ٻيا ماڻهو به ائين کوپرو چوندي کڻندا آهن، ان جو ڇا ڪندا آهيو؟ چيائين: چؤڏس رات ۾ اهو کوپرو شيءِ سان ڀري، خير ڪڍندا آهيون. “چؤڏس ڇا آهي؟؟ وراڻيائين: چانڊوڪي رات، ته پوءِ ڀٽائي صاحب جي ڪم آندل ‘چؤڏس’ لفظ جي معنى چارئي طرف ڪيئن ٿي؟ پڪ سان ان به ‘چؤڏس’ لفظ روشنيءَ لاءِ ڪم آندو آهي.

موٽِي مانڊاڻن جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛

وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ٿي چَوڌارِ.

عام طرح سان لطيف سائينءَ جي بيت جي سٽ: “مُلان مرئي ماءُ، پتو ڦسئي پيٽ ۾”

ڪري پڙهيو وينديو آهي، پر اسان وٽ ‘ماءُ’ نه ‘مان’ چوندا آهن، جيڪو هن ريت بيهندو:

“مُلان مرئي مان، پتو ڦسئي پيٽ ۾”.

هتي ‘مان’ انا، وڏائيءَ جي نشاني طور ڪم آندل آهي.