نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ڀولڙي جي آخري رسمن ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ ٿيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت جي علائقي دلوپورا ۾ هڪ ڀولڙو ٿڌ لڳڻ سبب مري ويو، ڳوٺاڻن ڀولڙي کي ساڙي موڪشا رسم ادا ڪئي،ان رسم ۾ 15 سئو کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي جڏهن ته وڏي دعوت جا انتظام پڻ ڪيا ويا، پئنچائت سربراهه ارجن سنگهه چوهاڻ موجب اسان وٽ جڏهن به ڪو ڀولڙو مري ٿو ته ان جون به آخري رسمون ادا ڪيون وينديون آهن.