ڀرياسٽي (ن پ ا) اليڪشن ڪميشن طرفان 8 فيبروري جي اعلان کانپوءِ تعلقي ڀرياسٽي ۾ چونڊ سرگرميون شروع ٿي ويون آھن، صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 33 لاءِ  مسلم ليگ نواز جي 2 اميدوارن شڪيل خان جلباڻي ۽ فياض خان لاکو طرفان درخواست فارم مسلم ليگ ن جي مرڪزي آفيس ماڊل ٽائون لاهور موڪلي ڇڏي آهي،  جڏھن ته شڪيل خان جلباڻي طرفان صوبائي سان گڏ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 205 لاءِ پڻ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، ٻئي اڳواڻ پيپلز پارٽي جي سيد مراد علي شاھ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ  پرعزم آهن.