ڀرياسٽي ۾ زال هٿان مڙس مبينا طور زھر ڏئي قتل

0
205
پنوعاقل: ناري کي ڪارنھن الزام ھيٺ زهر ڏيئي مارڻ بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف
پنوعاقل: ناري کي ڪارنھن الزام ھيٺ زهر ڏيئي مارڻ بعد لاش ڳجهه ڳوهه ۾ دفنائڻ جو انڪشاف

ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي جي ڪلھوڙا ڪالوني واسي نوجوان سجاد ڪلھوڙو کي سندس گھر واري مبينا طور تي زھر ڏئي ماري ڇڏيو آهي

ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان جي ڀاءُٔ اعتراز ڪلھوڙو ڀرياسٽي ٿاڻي تي پهچي اھڙو اطلاع ڏيندي چيو ته ڀاءُ کي سندس گھر واري ريما ڪلھوڙو مبينا طور زھر ڏئي قتل ڪيو آھي

ٻئي پاسي ڀرياسٽي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ۽ چيو ته وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد خبر پئجي سگھندي

پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته نوجوان جي گھر واري واقعي بعد گھران فرار ٿي وئي آھي جنھن جي ڳولا جاري آھي ٻئي پاسي نوجوان جو لاش سندس گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، نوجوان جي امڙ ۽ سندس گھر ڀاتي اوڇنگارون ڏئي روئندا رھيا

ھي به پڙھندا

جهول: سيڪريٽري فوڊ سميت 8 ڄڻن کي توهين عدالت نوٽيس، طلب