ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ ۾ هر هفتي لڳندڙ مال پڙي تي ٽيون ڀيرو پوليس چڙهائي، رستا سيل، واپارين کي تڙي ڪڍيو ويو. خبر موجب هر هفتي لڳندڙ مال پڙي تي ٽيون ڀيرو 10 ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪري رستا سيل ڪري ڇڏيا ۽ واپارين کي زبردستي تڙي ڪڍي ڇڏيو، پوليس چڙهائي سبب ڪالهه به مال پڙي لڳي نه سگهي. ان ڏس ۾ واپارين خادم راڄپر، اصغر مري، شوڪت ملاح ۽ ٻين پوليس چڙهائي خلاف احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان مال پڙي لڳندي هئي، جنهن ۾ پري پري کان واپاري روزگار ڪندا هئا، هنن چيو ته مال پڙي کي بنا جواز سياست جي ور چاڙهي مسڪين ماڻهن کان روزگار کسيو ويو آهي، هنن چيو ته مال پڙي بند ڪرڻ سان شهرين کي پڻ لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، ٻئي پاسي مال پڙي جي ٺيڪيدار اصغر راڄپر ٻڌايو ته پڙي جو لائسنس اڳئين سال تائين مون وٽ آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان مال پڙي لڳائيندو پيو اچان پر هاڻي اوچتو مال پڙي بند ڪئي وئي آهي، هن چيو ته پوليس زيادتي خلاف هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪئي آهي، هوڏانهن ان حوالي سان ڊي ايس پي ڀريا ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.