لاهور (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف ڀارت ۾ ڪورونا وگهي فوتين تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، شهبازشريف هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت جا افسوسناڪ منظر هر دل رکندڙ کي ڏکارو ڪري وجهن ٿا، انسانن جي زندگين جي احترام ۽ انهن کي بچائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن طرف اچڻو پوندو. ٻئي طرف يو آءِ جي مرڪزي ترجمان اسلم غوري چيو آهي ته ڀارت ۾ ڪورونا سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري صورتحال افسوس ناڪ آهي، مشڪل جي هن گهڙي ۾ ڀارتي عوام سان گڏ آهيون، دعا آهي ته الله تعاليٰ ڀارت جي شهرين کي هن وبائي مرض مان نجات ڏياري، هن چيو ته پاڪستان جي شهرين کي به ڪورونا بابت احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا.