لکنئو (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ چوري لاءِ گهر ۾ داخل ٿيل شخص اي سي هلائي سمهي پيو. ميڊيارپورٽن موجب ڀارت ۾ هڪ غير معمولي واقعو پيش آيو، جتي گهر ۾ چوري جي نيت سان داخل ٿيل چور اي سي هلائي سمهي پيو

ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو اتر پرديش رياست جي شهر لکنئو ۾ پيش آيو، جتي هڪ نشي ۾ ڌُت چور ٻه جون تي گهر ۾ داخل ٿيو، ڊرائنگ روم ۾ چور جي نظر اي سي تي پئي، هو اي سي هلائي سمهي پيو

ٻڌايو پيو وڃي ته اهو گهر ڊاڪٽر سنيل پانڊي نالي شخص جو هو، جيڪو فيملي سميت گهر ۾ موجود نه هو، جوابدار گهر خالي ڏٺو ۽ در ڀڃي اندر داخل ٿيو

گهر ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ هو اي سي هلائي سمهي پيو، پاڙيسري در کليل ڏسي مالڪ کي فون ڪري آگاهه ڪيو. پوءِ ڊاڪٽر سنيل پوليس کي فون ڪري گهر پهچڻ جو چيو، ڇو ته هو گهر کان گهڻو پري هو، جنهن تي پوليس اتي پهچي چور کي گرفتار ڪري ورتو. هاڻي مٿس ڪيس هلايو ويندو