اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪ، ڀارت ڳالهين ۾ يو اي اي جي ڪردار جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڀارت سان بيڪ ڊور نه پر انٽيليجنس سطح تي ڳالهيون ٿي رهيون هن ۽ اهي هميشه ٿينديون رهنديون آهن، جڏهن جنگ جي صورتحال هوندي آهي ته ان وقت به انٽيليجنس سطح جون ڳالهيون هلنديون آهن. نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان هميشه ڳالهين ذريعي معاملن کي اڳتي وڌائڻ جا قائل رهيا آهيون، اعتراض ڀارت ڪري رهيو هو، ڳالهين کان هميشه ڀارت ڀڳو آهي، جيتوڻيڪ هر مسئلي جو حل ڳالهيون آهن، ٻه ايٽمي طاقتون جنگ ڪري خودڪشي نه ٿيون ڪري سگهن، هن چيو ته ڳالهين جي ماحول کي ڀارت خراب ڪيو، درست به ان کي ڪرڻو آهي، سازگار ماحول لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل بنيادي جز آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت سان ڪنهن به بيڪ ڊور چينل تي ڳالهيون نه پيون ٿين، بيڪ ڊور جي ڳالهه ان ڪري ڪريون پيا ته مشرف ۽ زرداري جي دور ۾ بيڪ ڊور چينل ٺاهيو ويو، ان لاءِ ماڻهو رکيا ويا هئا، جنهن ذريعي ڀارت سان ڳالهين جون مختلف ويهڪون به ڪيون ويون هيون پر هاڻ ان قسم جو بيڪ ڊور چينل نه آهي. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته پاڪ-ڀارت ڳالهين ۾ گڏيل عرب امارات جي ثالثي جي ترديد ڪريان ٿو، ان بابت هلندڙ خبرون درست ناهن، آئون تازو يو اي اي جو دورو ڪري آيو آهيان، اماراتي پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان ۾هن به مڃيو ته پاڪ، ڀارت ڳالهين ۾ يو اي اي جي ٽياڪڙي وارو تاثر غلط آهي، يو اي اي جو سفير ٿورو اوور ٿي ويو هو، حقيقت ان جي ابتڙ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت سان ڳالهيون ڪيون ته قوم کي اعتماد ۾ ضرور ورتو ويندو پر هر شئي جو مناسب وقت هوندو آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي مڙهيل آرٽيڪل 370 کي اسان ڪڏهن به اهميت نه ڏني آهي، اسان جي دلچسپي آرٽيڪل 35 اي ۾ آهي، ڀارت کي ڪشمير ۾ کنيل قدم تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته ان کي پاڪستان توڙي والاريل ڪشمير جي عوام رد ڪيو آهي.