ممبئي (شوبز نيوز ) ڀارتي ڊراما سيريل ” يي رشتا ڪيا ڪهلاتا هي“ ذريعي مقبوليت ماڻيندڙ اداڪارا حنا خان اسٽيج ٿري جي ڪئنسر ۾ مبتلا هئڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. اداڪارا حنا خان پنهنجي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان پوسٽ شيئر ڪندي ڇاتيءَ جي ڪئنسر ۾ مبتلا هئڻ جي تصديق ڪئي. اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته مون ۾ اسٽيج ٿري جي ڇاتيءَ جو ڪئنسر جي نشاندهي ٿي آهي. هن چيو ته تڪليف ڏيندڙ بيماري باوجود يقين ڏيارڻ چاهيان ٿي ته مان بهتر، مضبوط ۽ بيماري سان منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيان. اداڪارا ٻڌايو ته سندس علاج شروع ٿي چڪو آهي، هوءَ بيماري کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته پنهنجي پيارن، فيملي ۽ دوستن سان گڏ، الله تعاليٰ جي ڪرم سان ڪئنسر کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي وينديس. پنهنجي پوسٽ ۾ هن مداحن کي سندس رازداري جو احترام ڪرڻ جي درخواست ڪندي پنهنجن دوستن ۽ مداحن کان جلد صحتيابي لاءِ دعائن جي اپيل پڻ ڪئي آهي.