ڀارتي پروڊيوسر ننڍن ملازمن کي معاوضو ادا نه ٿا ڪن؟: اميشا پٽيل

0
238

🔥115+ Ameesha Patel HD Photos & Wallpapers

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا اميشا پٽيل نئين فلم غدر 2 جي پروڊيوسر انيل شرما تي سنگين الزام هنيا آهن

ٽويٽس جي هڪ سيريز ۾ اداڪارا چيو ته فلم سيٽ جي ڪيترن ئي ٽيڪنيشنز، ميڪ اپ آرٽسٽن ۽ ڪاسٽيوم ڊزائنرز کي انيل شرما پروڊڪشنز پاران محنت جو معاوضو نه ڏنو ويو آهي

زي اسٽوڊيو خاطري ڪرائي ته سڀني کي معاوضو ادا ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته هي هڪ پروفيشنل ڪمپني آهي

هن اهو به لکيو ته ٽيم ميمبرن کي شوٽنگ جي آخري ڏينهن تي بنا ڪنهن رهائش ۽ ٽرانسپورٽ جي ڇڏيو ويو ۽ ماني جا به به ادا نه ڪيا ويا جنهن ڪري کين ڏکيائيون پيش آهيون. غدر 2 11 آگسٽ تي رليز ڪئي ويندي.