نريندر مودي وزيراعظم جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي

0
102

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وزيراعظم جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وزيراعظم جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، نريندر مدي ٽئين مدي لاءِ 8 جون تي وزيراعظم طور حلف کڻندو

 لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ڳري اڪثريت حاصل نه ڪري سگهڻ باوجود نريندر مودي جي ڀارتيا جنتا پارٽي ۽ سندس اتحاد حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو

 لوڪ سڀا جي 543 سيٽن مان 292 سيٽن تي  مودي جو اين ڊي اي اتحاد ڪاميابي ماڻي چڪو آهي، راهول گانڌي جي ڪانگريس جي قيادت ۾ انڊيا اتحاد کي رڳو 234 سيٽون حاصل ٿي سگهيون آهن

 بي جي پي اڪيلي سر 240 سيٽون کٽيون آهن جيڪي گذريل اليڪشن ۾ کٽيل سيٽن کان 60 سيڪڙو گهٽ آهن، ٻئي پاسي ڪانگريس 99 سيٽون کٽيون آهن جيڪي گذريل اليڪشن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي وڌيڪ آهن

 حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 272 سيٽن جي ضرورت آهي، بي جي پي ۽ سندس اتحاد 292 سيٽون کٽي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي