چنائي (اسپورٽس ڊيسڪ ) ڀارتي وومينز ٽيم جي شيفالي ورما وومين ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ اهم ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو. شيفالي ورما ڏکڻ آفريڪا خلاف چنائي ۾ جاري ٽيسٽ ميچ دوران تيز ترين ڊبل سينچري اسڪور ڪري ورتي. ڀارتي اوپنر ڏکڻ آفريڪا خلاف 194 بالن تي ڊبل سينچري مڪمل ڪئي. هوءَ ٻه سئو کان گهٽ بال کيڏي ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ پهرين عورت ڪرڪيٽر آهي. ان کان اڳ آسٽريليا جي انابيل سدرلينڊ ڏکڻ آفريڪا خلاف ئي 256 بالن تي ڊبل سينچري اسڪور ڪئي هئي، جڏهن ته آسٽريليا جي ئي ڪيرون رالٽن 313 بالن تي سينچري ٺاهي چڪي آهي.