ڀارتي شوقينن سعود شڪيل کي پاڪستان جو ويرات ڪوهلي قرار ڏئي ڇڏيو

0
239

نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي شوقينن سعود شڪيل کي پاڪستان جو ويرات ڪوهلي قرار ڏئي ڇڏيو، پاڪستاني بيٽسمين جي هيلمٽ پهريل تصوير ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي سان ڀيٽايو ته سوشل ميڊيا تي چرچا شروع ٿي ويا، هڪ شوقين چيو ته آخرڪار پاڪستان کي به پنهنجو ويرات ڪوهلي ملي ويو، هڪ ٻئي مداح لکيو ته هر ڪو فٽبال ڏسڻ ۾ مگن هو ڪنهن به نوٽيس نه ڪيو ته ويرات ڪوهلي پاڪستان طرفان کيڏي رهيو آهي، واضح رهي ته انگلينڊ خلاف ٻئي ون ڊي مئچ ۾ سعود شڪيل ففٽي اسڪور ڪئي هئي پر گرين شرٽس کي سيريز ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو هو.