ممبئي(شوبز نيوز)اداڪاره رائزه پاران فيشل ڪرائن بعد اکين هيٺان سوچ ٿي پئي جنهن ڪري کيس سڃاڻڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، جڏهن ته اداڪاره پاڻ ئي سوشل ميڊيا تي پاڻ سان ٿيل واقعي تان پردو کنيو آهي ۽ پنهنجي تصوير به پوسٽ ڪئي آهي.اداڪاره ڊاڪٽر جو نالو وٺڻ بغير ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڊاڪٽر وٽ سادي قسم جو فيشل ڪرائڻ وئي هيس پر هن مونکي زبردستي هڪ پروسيجر ڪرائڻ جو چيو جنهن جي ڪا ضرورت نه هئي.اداڪاره چيو ته ان پروسيجر جي نتيجي ۾ اکين هيٺان سوڄ ٿي پئي، اهڙي صورتحال کانپوءِ ڊاڪٽر به ملڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي، سندس اسٽاف جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر شهر کان ٻاهر ويل آهي.رائزه ٻڌايو ته ڊاڪٽر خلاف پوسٽ ڪرڻ کانپوءِ هن جي ڪري اهڙي پريشان ڏسندڙ ماڻهن جي ميسجز سان انباڪس ڀرجي ويو آهي.