ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ طيب درس جي رهواسڻ مسمات حسينه ڌي طيب ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته منهنجي مائيٽن جي جيڪا زرعي زمين هئي ان ۾ منهنجو ۽ ڀائرن ۽ ڀيڻ جو حصو هو، ڀائرن پنهنجي حصي جي زمين وڪرو ڪري ڇڏي ۽ ڀيڻ جي به حصي واري زمين وڪرو ڪرڻ بعد منهنجي حصي جي زمين وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن لاءِ مون کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن. منهنجي ڀائرن زمين جي لالچ م منهنجي شادي به نه ڪرائي، سڀ ڪجهه ته وڪرو ڪري چڪا آهن. هاڻ منهنجي حصي جي زمين وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا ان لاءِ آئون سپريم ڪورٽ، وزير اعظم پاڪستان، آءِ جي سنڌ ۔ ايس ايس پي ٽنڊويلهيار ۽ ٻين وسوارن کي اپيل ٿي ڪريان ته مون کي تحفظ ڏئي مزڪوره فراڊ سان وڪرو ٿيندڙ زرعي زمين جو نوٽيس ورتو وڃي.