ڪلوئي) ن پ ا) ڪراچي کان ٿرپارڪر جي روٽ تي ايندڙ اي سي ڪوچن جي مالڪن جي هدايتن تي ڪنڊيڪٽرن پاران مسافرن کان ٻيڻ تي ڀاڙو وڌيڪ وٺڻ جون شڪايتون مليون متاثر پورهيتن جون دانهون سوشل ميڊيا تي پوسٽون وائرل ٿيڻ بعد ڊي سي ٿرپارڪر نوٽيس ورتو ڊي سي ٿرپارڪر جي هدايتن تي آر ٽي سيڪريٽري عرفان الله ڪلوئي ڀرسان ونگو پتڻ چيڪ پوسٽ وٽ ڪلوئي پوليس جي مدد سان ڪارروائي ڪئي جتي ٿر ويندڙ مسافر ۽ بيمار پورهيتن آر ٽي جي سيڪريٽري ۽ ميڊيا سامهون دانهيندي ٻڌايو ته مزدوري ۽ بيمارين خاطر ڪراچي کانسواءِ مختلف جڳهين تي ويل هئاسين هنن ٻڌايو ته عيد ويجهو ايندي ئي اي سي ڪوچ مالڪن پاران ڀاڙي جون ريٽ لسٽون گم ڪري مسافرن کان ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي ڀاڙو اوڳاڙي ڪرڻ سميت مسافرن جي تذليل ڪري سيٽ جا پئسا وصول ڪري بيهاريو ٿو وڃي،آر ٽي جي سيڪريٽري عرفان الله موجب ڊي سي ٿرپارڪر جي حڪم تي ڪاروائي ڪري مسافرن کان وڌيڪ ورتل ڀاڙو مسافرن کي واپس وٺي ڏنو ويو.