ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ٿرپارڪر ۾ تعليم کاتي جي عملدارن ماسترياڻين کي پروموشن ۾ هڪ دفعو ٻيهر نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ 12 کان وڌيڪ ماسترياڻيون گهربل مدو ۽ تعليمي اهليت پوري ڪرڻ باوجود پروموٽ نه ٿي سگهيون آهن، جنهن بعد ماسترياڻين پاران اهڙي شڪايت عورتن جي حقن بابت نمائندگي ڪندڙ تنظيمن عورت فائونڊيشن ۽ سنڌ وومين ڪميشن کي ڏني هئي. شڪايت بعد عورت فائونڊيشن ۽ سنڌ عورت ڪميشن جي اڳواڻن وزير تعليم سان ملاقات ڪري سموري معاملي بابت اگاهي ڏني هئي. وزير تعليم ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ميرپورخاص ارشد بيگ کي معاملي جي جاچ ڪري هڪ هفتي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر ٽي هفتا گذرڻ بعد به جاچ مڪمل نه ٿي سگهي آهي. انهن حوالي سان پنهنجي اخبار موقف وٺڻ لاء ڊائريڪٽر ارشد بيگ سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو آهي.