ٿرڙي محبت ۾ گم ٿيل معصوم ٻارڙيءَ جو کڏ مان لاش هٿ

0
188

ٿرڙي محبت(ن پ ا) ٿرڙي محبت جي وارڊ نمبر هڪ منگي محلا جي رهواسڻ ٻن ورهين جي صاحبه ڌي انعام مڱڻهار جو 24 ڪلاڪن کانپوءِ لاش مليو آهي

ٻارڙيءَ جو لاش سندس گهر ڀرسان پاڻي جي کڏ مان لاش مليو، نينگري جو لاش گهر پهچڻ کانپوءِ سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا

واضح رهي ته ڪالهه صبح کان نينگري گم هئي جنهن جي ڳولها ڪئي وئي هئي پر سندس ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو ۽ اڄ صبح سان جڏهن مالڪ وري ان پاڻي جي کڏ جو جائزو ورتو ته ان کڏ جي سائيڊ ۾ سندس معصوم نينگري جو لاش پيل هو، لاش گهر پهچڻ کانپوءِ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي