نئون ڪوٽ (ن پ ا) ٿرپارڪر جي پرائمري اسڪولن جا 50 سيڪڙو ٻار مفت ڪتابن کان محروم رهجي ويا، مفت تعليم جون دعوائون ڪندڙ سنڌ سرڪار ٿر جهڙي پٺتي پيل خطي جي 50 سيڪڙو شاگردن کي مفت ڪتاب ڏئي نه سگهي، جنهن جي ڪري ٻارڙن ۾ مايوسي ڇانيل آهي پنهنجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب ٿرپارڪر جا هزارين ٻارڙا غربت ۽ مهانگائي سبب درسي ڪتاب خريد ڪرڻ جي سگھه نٿا رکن، جنهن جي ڪري مفت ڪتاب نه مليا ته انهن جي تعليم سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو پڻ آهي، ان سلسلي ۾ اسڪولي شاگردن جي والدين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٿرپارڪر هڪ پٺتي پيل خطو آهي جتي بيروزگاري ۽ بدحالي تمام گهڻي آهي، جنهن جي ڪري اسان هڪ ويلي جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهيون اتي ٻارڙن جي  تعليم جا خرچ برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿا رکي سگهون، هنن چيو ته سرڪار ٿر بدلي گا پاڪستان جا نعرا هڻي، ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي وسيلي سڄي ملڪ کي روشن ڪرڻ جون دعوائون ڪري ٿي اتي ٿر جي ٻارن کي مفت ڪتابن کان محروم رکي انهن کي اوندهه طرف ڌڪي رهي آهي، سرمائيدار ۽ سياستدان پنهنجي ٻارڙن کي مياري تعليم ڏئي رهيا آهن جڏهن ته غريب طبقي جي ٻارن کي بنيادي تعليم کان به محروم رکيو پيو وڃي، هنن چيو ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن جا شاگرد ڏينھون ڏينهن ترقي جا ڏاڪا چڙهندا پيا وڃن مگر بدقسمتيءَ سان ھتي اسان جي شاگردن کي ساليانو ملندڙ مفت درسي ڪتاب به اڻپوري تعداد ۾ ڏنا ويا آھن، هنن وزير تعليم کان مطالبو ڪيو ته جلدي ٻارڙن کي مفت ڪتاب مهيا ڪيا وڃن ته جيئن اهي تعليمي سرگرمين کان محروم نه رهي سگهن، ان سلسلي ۾ پرائمري استادن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسانکي 50 سيڪڙو مفت ڪتاب ملي سگهيا آهن جنهن جي ڪري تعليم ڏيڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، اسان کي تعليم کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن پاران ٻڌايو ويو آهي ته هر سال جيان سنڌ سرڪار پاران مفت ڪتابن لاءِ ساڳي بجيٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪري پيپر جو اگھه وڌڻ ڪري گهٽ ڪتاب ڇپجي مليا آهن، هوڏانهن ڊي اي او پرائمري ٿرپارڪر بچل هاليپوٽو روزاني پنهنجي اخبار جي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي 50 سيڪڙو ڪتاب گهٽ مليا آهن، جنهن جي ڪري پنجاھ سيڪڙو ٻارڙن کي ڪتاب ناهن ملي سگهيا، ڪتابن جي کوٽ جي پورائي لاءِ اسان وزير تعليم ۽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ميرپورخاص کي ليٽر لکيو آهي.