ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر ۽ سنڌ جي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان گڏ انصاف هائوس ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته  گذريل 15 سالن دوران سنڌ حڪومت کي 12 هزار 633 ارب رپين جي بجيٽ ملي آهي، جنهن ۾ 2024-2025 لاءِ 3 هزار ارب کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي وئي آهي، ان باوجود سنڌ ۾ ڪا به ترقي نه ٿي آهي. سنڌ جو عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي. مختلف ذريعن سان پ پ وارن 1650 ارب رپين جي رڪارڊ ڪرپشن ڪئي آهي، جنهن ۾ ترقياتي بجيٽ ۾ 850 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن به شامل آهي. هن ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال دوران سنڌ حڪومت جو ملڪي ۽ پرڏيهي قرض 1341 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي جنهن ۾ 24-2023ع دوران 26 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ نون قرضن ۾ 325 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي. حليم عادل چيو ته تعليم لاءِ  15 سالن دوران 1920 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، 25-2024 لاءِ 454 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ان جي باوجود 6 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جن وٽ نه ڪتاب آهن ۽ نه ئي يونيفارم ۽ 12 هزار کان وڌيڪ اسڪول بند آهن. 26000 کان وڌيڪ اسڪولن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ آهي، 19000 اسڪولن ۾ ٽائلٽس نه آهن، 31000 اسڪول بجلي کان محروم آهن، 21900 اسڪولن ۾ چارديواري نه آهي، 36000 اسڪولن ۾ راند جا ميدان ناهن، تعليم کاتو 3 ارب رپين جي اسڪينڊل ۾ ملوث آهي. سندس چوڻ هو ته صحت جي شعبي ۾ 15 سالن دوران 1144 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، 2024-2025 لاءِ 300 ارب رپيا آهن. اڃان تائين، اسپتالن ۾ ايمبولينس ۽ دوائن جي کوٽ آهي،  2013 کان وٺي 41 ٽراما سينٽرن جو منصوبو اڻپورو آهي. ھن چيو ته 15 سالن دوران 1260 ارب رپيا امن امان تي خرچ ڪيا ويا، 2024-2025 لاءِ 172 ارب رپيا مختص ڪيا ويا. اڃا تائين، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جاري آهي، هن سال 75 کان وڌيڪ شهري ڦرلٽ دوران مارجي ويا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته سنڌ جي بجيٽ ۾ ٻيلا لڳائڻ جا منصوبا، ڪراچي جي ميگا پراجيڪٽ لاءِ 500 ارب رپيا، روڊن جي تعمير، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو واڌ، صنعتي زونز کي فعال ڪرڻ، اسڪولن ۾ جديد سهولتون، هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ، هارين لاءِ سبسڊي شامل ڪئي وڃي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ زرعي پاڻي جي فراهمي، ٽرانسپورٽ جي جديد سهولتن، ڪمپيوٽرائيزڊ روينيو رڪارڊ کي يقيني بڻائڻ، ٻهراڙي ۽ شهري نوجوانن لاءِ روزگار جا برابر موقعا، برسات متاثرن لاءِ غير سياسي رهائش، ميرٽ جي بنياد تي روزگار، پوليس کي غير سياسي ڪرڻ ۽ پوليس اسٽيشن ڪلچر ختم ڪيا وڃن .پي ٽي آءِ سنڌ  مالي سال 2024-2025 واري بجيٽ کي عوام دشمن بليڪ مارڪس قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.