اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ پارليامينٽيرين گروپ جي وفد سان ملاقات ٿي، خيبر پختونخوا ۾ سني اتحاد ڪائونسل کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ پارليامينٽيرين وفد جي قيادت ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان ڪئي، ملاقات ۾ گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي به موجود هو، ٻنهي جماعتن وچ ۾ اتحاد جو باضابطه اعلان عيد کانپوءِ ڪيو ويندو، ڪي پي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر خالد وقار چمڪني به بلاول سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.