پ پ قيادت وڏي وزير کي جِي ڊي اي سان ڳالهين جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو

0
174
پ پ قيادت وڏي وزير

ڪراچي: پ پ قيادت وڏي وزير مراد علي شاهه کي پي ٽي آءِ جي رٺُل اتحادي جِي ڊي اي سان ڳالهين جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان پير پاڳاري سان فون تي رابطو، اپوزيشن جي بي اعتمادي رِٿ ۾ حمايت سوڌو ٻين مامرن تي ڳالهيون، ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه اسلام آباد مان واپسي بعد پير پاڳاري سان ملاقات ڪندو

ٻئي پاسي متحده پاڪستان جو وفد اڄ اسلام آباد ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪري رهيو آهي، خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ 5 رُڪني وفد سان ملاقات دوران بلاول ڀٽو زرداري به موجود هوندو، ملاقات دوران بي اعتماد رِٿ ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ سوڌو ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون

ھي به پڙھندا

خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم وفد جي آصف زرداري سان ملاقات