ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ وڪيل شاهد سومرو حسن ڊکڻ جي گهر پهچي ساڻس ملاقات ڪئي، جنهن بعد اسپيڪر هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ لائبرري جو دورو ڪيو. ان موقعي تي آغا سراج دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اتحاد شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي دور کان ٺهندا آيا آهن، پر عام ماڻهو عوامي خدمت جي ڪري پ پ سان بيٺل آهي، هن چيو ته ڊکڻ ۾ ڪجهه وقت کان زمينن تي قبضا ڪري شريف ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته حسن ڊکڻ مٿان ڪيس داخل ٿيڻ ناجائزي آهي، هن چيو ته پوليس کي سوچڻ گهرجي، ڊکڻ ۾ ظلم وڌي ويو آهي، ان جو ازالو ضرور ٿيندو. لائبرري بابت هن چيو ته سرڪاري ۽ ذاتي تعاون ڪري هن کي فعال ڪبو ته جيئن ڊکڻ جا نوجوان نون ڪتابن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن، آغا سراج دراني چيو ته شڪارپور جي صحافي سلطان رند مٿان ڪيس جي کيس ڄاڻ ناهي، مان پاڻ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهيان، صحافين کي حق سچ لکڻ کان نه روڪيو وڃي، واقعي بابت ايس ايس پي شڪارپور سان ڳالهائيندس.