پ پ جي صوبائي چونڊ مهم ۽ اختلافن جي ڪهاڻي … عرفان ڦلپوٽو خيرپور مان لکي ٿو

0
54
پ پ جي صوبائي چونڊ مهم ۽ اختلافن جي ڪهاڻي ... عرفان ڦلپوٽو خيرپور مان لکي ٿو

 سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد ملڪ ۾ 8 فيبروري تي چونڊون ٿي رهيون آهن، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل چونڊ شيڊول موجب اڄ 12 جنوري تي اميدوارن جي لسٽ فائنل ڪري نشان اَلاٽ ڪيا ويندا، جنهن کانپوءِ اميدوار ووٽ وٺڻ لاءِ عوام وٽ ويندا، چونڊن جي وايو منڊل بابت جائزي موجب پاڪستان پيپلزپارٽي پنجاب صوبي ۾ جهڙوڪ اليڪشن مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ اليڪشن مهم جو پهريون عوامي جلسو سڀاڻي 14 جنوري تي خيرپور جي ممتاز گرائونڊ ۾ ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي، جنهن جون تياريون پڻ زور شور سان جاري آهن ۽ خيرپور جي ممتاز گرائونڊ ۾ رٿيل جلسي جي مناسبت سان پنڊال سميت شهر جي مختلف علائقن کي سينگارڻ لاءِ ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي خزاني جا در کوليا ويا آهن. چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو ۽ وائيس چيئرمين منير منگي چونڊ مهم جي جلسي جي تيارين جي سلسلي ۾ سرڪاري مشينريءَ جو کلي عام استعمال ڪري رهيا آهن. ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي نگرانيءَ ۾ ميونسپل ملازمن کان بينر، جهنڊا، پينا فليڪس هڻائڻ جو ڪم ورتو پيو وڃي. جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته هن اليڪشن ۾ سنڌ صوبي اندر بلدياتي نظام اڻڌريو نه رهندو ۽ پ پ جي سياسي جلسن کي ڪامياب بڻائڻ توڙي ٻيون سهولتون ڏيڻ لاءِ بلدياتي ادارن جي خزانن کي کاٽ پڻ هنيو ويندو. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ اندر ٽڪيٽن جي ورڇ واري معاملي تان اختلاف سامهون آيا آهن ۽ پيپلز پارٽي اندروني طور ڀڃ ڊاهه جو پڻ شڪار ٿي رهي آهي. پيپلز پارٽي طرفان سنڌ صوبي خاص طور خيرپور ضلعي ۾ اميدوارن جي حوالي سان ڪا خاص تبديلي ناهي آندي وئي.

خيرپور ضلعي جي ٽن قومي تڪن ۽ صوبائي 6 تڪن تي پ پ طرفان بيهاريل اميدوارن ۾ ڪا واضح تبديلي سامهون نه اچڻ ڪري خيرپور جو عوام گذريل 15 سالن جي ڪارڪردگيءَ بابت سوچي رهيو آهي ته ڪورونا وبا واري آفت ۽ سال 2022 ۾ برسات جي تباهه ڪارين کي خيرپور ضلعي جي عوام ڪيئن ڀوڳيو آهي. برساتي پاڻيءَ جي ٻوڏ بابت خوابان والي سرڪار طور سڃاتو ويندڙ منظور وساڻ خيرپور جي ماڻهن تي آيل آفت کي اٽليءَ جي وينس شهر سان تشبيهه ڏئي ماڻهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو هو. شايد ان جو ئي سبب آهي جو هو هاڻوڪي چونڊن ۾ پاڻ اميدوار طور عوام آڏو اچڻ بجاءِ پنهنجي پٽ هالار وساڻ کي اميدوار طور چونڊ ميدان ۾ لاٿو آهي. خيرپور ضلعي ۾ روايتي حريف هڪ ڀيرو ٻيهر هڪٻئي جي آمهون سامهون چونڊ وڙهي رهيا آهن پر هن ڀيري خيرپور جي سياسي وايو منڊل ۾ ڪجهه نوان چهرا پڻ سامهون آيا آهن، جن ۾ جي ڊي اي طرفان قومي تڪ اين اي 204 تي معظم عباسي، گمبٽ جي صوبائي تڪ پي ايس 30 تي خالد شيخ، ڪوٽڏيجي جي صوبائي تڪ پي ايس 27 تي ارشاد ڌاريجو ۽ پ پ طرفان ڪوٽڏيجي جي صوبائي تڪ پي ايس 27 تي هالار وساڻ ۽ صوبائي تڪ پي ايس 29 تي بئريسٽر شيراز شوڪت راڄپر کي چونڊن ۾ سامهون آندو ويو آهي، جڏهن ته قومي تڪ اين اي 202 تي جي ڊي اي طرفان سيد غوث علي شاهه سامهون روايتي حريف ڊاڪٽر نفيسه شاهه بيٺل آهي. اهڙي طرح قومي تڪ 203 تي جي ڊي اي جي پير سيد صدرالدين شاهه سامهون پ پ جو اميدوار راڻيپور جي پيراڻي گاديءَ مان سيد فضل شاهه جيلاني بيٺل آهي. قومي تڪ 204 تي جي ڊي اي طرفان لاڙڪاڻي واسي معظم عباسيءَ کي ٽڪيٽ ڏئي پ پ جي سيد جاويد علي شاهه جيلاني سان ڪانٽيدار مقابلي لاءِ ميدان تي لاٿو ويو آهي. صوبائي اسيمبلي جي تڪ 26 تي جي ڊي اي طرفان حاجي امام بخش ڦلپوٽو پ پ جي اميدوار سيد قائم علي شاهه جيلاني، جي ڊي اي طرفان صوبائي تڪ 27 تي هاءِ ڪورٽ بار سکر جي جنرل سيڪريٽري ارشاد ڌاريجي کي منظور وساڻ جي پٽ هالار وساڻ سان مقابلي ۾ لاٿو ويو آهي. صوبائي تڪ 28 تي جي ڊي اي طرفان سيد اسماعيل شاهه راشديءَ کي پ پ جي اميدوار ساجد ٻانڀڻ، صوبائي تڪ 29 تي جي ڊي اي طرفان رفيق ٻانڀڻ کي پ پ جي اميدوار بئريسٽر شيراز شوڪت راڄپر، صوبائي تڪ 30 تي جي ڊي اي طرفان خالد شيخ کي پ پ اميدوار نعيم کرل ۽ صوبائي تڪ 31 تي جي ڊي اي طرفان سيد محمد راشد شاهه کي پ پ اميدوار پير سيد بچل شاهه جيلاني سامهون بيهاريو ويو آهي. اهو واضح آهي ته پيپلز پارٽي هڪ منظم سياسي جماعت آهي، مدر ونگ پ پ وٽ سپاف، يوٿ ونگ، ليڊيز ونگ، ليبر ونگ، ڪلچرل ونگ، بلاول لورس ونگ جوڙيل آهي، پر پيپلز پارٽي جي مخالف سياسي جماعتن جي اميدوارن وٽ چونڊ مهم ڀرپور اثرائتي انداز سان هلائڻ لاءِ منظم سياسي ونگس جي کوٽ آهي، جنهن جو ڪنهن قدر فائدو هميشه پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ٿيندو رهيو آهي.

خيرپور ضلعي ۾ چونڊن واري سياسي وايو منڊل تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندڙ ساڃاهه وندن وٽ اها راءِ قائم ٿي آهي ته سنڌ صوبي ۾ پيپلز پارٽي 15 سالن تائين راڄ ڪيو آهي ۽ سال 2008 کان سال 2023 تائين 15 بجيٽن جا کربين رپيا کپايا ويا آهن پر خيرپور ضلعي سميت سنڌ ۾ عوامي ترقيءَ جا وڏا منصوبا ڏنا ناهن ويا ۽ نه ئي وري ضلعي جي ماڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ممڪن بڻائڻ لاءِ ترقياتي ڪم پڻ نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري خيرپور ضلعي اندر لنڪ روڊن جو انفرا اسٽرڪچر تباهه آهي. خيرپور تعلقي سميت ٻين 8 تعلقن جي هيڊڪوارٽر شهرن ۾ رهائشي آبادين کي ڊرينيج، پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي، محلن، گهٽين ۽ رستن جي صفائي سٿرائي جي سهولت کان به خيرپور جي عوام کي محروم رکيو ويو آهي. گڏوگڏ ضلعي هيڊڪوارٽر سول اسپتال خيرپور، تعلقه اسپتالن ۽ رورل هيلٿ سينٽرن توڙي بيسڪ هيلٿ يونٽن ۾ طبي سهولتن جو فقدان برقرار آهي. ان کان علاوه آبادگارن ۽ هارين کي ربيع ۽ خريف دوران يوريا ڀاڻ وقت سر فراهم نه ٿيڻ، خيرپور اڪنامڪ زون جي غير فعال هئڻ سميت کجور منڊي ۾ سهولتن جي کوٽ جهڙا مسئلا پ پ جي 15 سالا حڪومتي عرصي دوران حل ناهن ٿي سگهيا، جنهن سبب خيرپور ضلعي جو عوام پ پ مان مايوس ٿي چڪو آهي، جنهن جو عڪس سوشل ميڊيا تي عوام جي جڙيل راءِ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ان جو ئي نتيجو آهي جو 14 جنوريءَ تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي رٿيل عوامي جلسي جي حوالي سان جيلاني هائوس خيرپور ۾ ٿيل ڪارنر گڏجاڻيءَ ۾ نفيسه شاهه جي وائرل ٿيل وڊيو ۾ هوءَ ڪارڪنن کي ماڻهو گڏ ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏئي پئي ته جنهن به يوسيءَ مان وڌيڪ ماڻهو جلسي گاهه واري پنڊال ۾ ايندا ته ان يوسيءَ جي بجيٽ کي ٻيڻو ڪيو ويندو، اهڙي قسم جي انڪشافن سان اهو پتو پوي ٿو ته هاڻي خيرپور ضلعي جي عوام جو پ پ سان جذباتي ڳانڍاپو ناهي رهيو ۽ خيرپور ضلعي جي عوام ۾ پ پ اميدوارن خلاف شديد غصي واري لهر موجود آهي.

خيرپور ضلعو ڪيتري عرصي تائين پ پ جو ڳڙهه سمجهيو ويندو رهيو آهي پر پيپلز پارٽي طرفان ٽڪيٽن جي ورڇ کانپوءِ ڪجهه پ پ اڳواڻ پارٽي اميدوارن جي اليڪشن مهم کان پاسيرو رهڻ جي موڊ ۾ نظر اچي رهيا آهن، جنهن جو فائدو پ پ مخالف اميدوارن کي ٿي سگهي ٿو. ويجهي ماضيءَ ۾ فاطمه ڦرڙو واري پيش آيل سانحي جا اثر پڻ پ پ اميدوارن تي پئجي رهيا آهن، خاص طور سوڀي ديري ۽ گمبٽ جي ٻهراڙي ۽ دريائي ڪچي وارن علائقن جا ماڻهو فاطمه ڦرڙو ڪيس جي مالڪي نه ڪرڻ تان پ پ کان ناراض آهن، جنهن جو فائدو جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي ۽ خالد شيخ کي ڪنهن حد تائين ٿي سگهي ٿو. سو بهرحال خيرپور ضلعي جي سياسي وايو منڊل تي چونڊ چهچٽي بابت اهي اڳڪٿيون پڻ ٿي رهيون آهن ته هڪ قومي تڪ سميت ٻن صوبائي تڪن تي جي ڊي اي جا اميدوار سوڀارا ٿيندا، جڏهن ته خيرپور ضلعي جي ٻين قومي ۽ صوبائي تڪن تي پڻ ڪجهه نتيجا مختلف اچي سگهن ٿا.