مدئجي (ن پ ا) پ پ اڳواڻ ابڙا برادري جو چيف سردار ھمٿ علي خان ڪماريو لاڏاڻو ڪري ويو. مدئجي ۾ ابڙا برادري جو چيف سردار همٿ علي خان ڪماريو گهڻو عرصو بيمار رهڻ بعد فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سردار همٿ علي خان ڪماريو پ پ ضلعي شڪارپور جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو جو والد آهي.ڪماريو هائوس جي ترجمان سردار همٿ علي ڪماريو جي وفات جي تصديق ڪئي. جنازي نماز بابت اڄ اطلاع ڏنو ويندو.