عامر مگسي ۽ نادر مگسي به نيب جي ريڊار تي اچي ويا

0
578

سکر (بيورو رپورٽ) پ پ ايم اين اي عامر مگسي ۽ ايم پي اي نادر مگسي به نيب جي ريڊار تي اچي ويا، نيب سکر قمبر شهدادڪوٽ ۾ 2008ع کان 2013ع تائين ترقياتي اسڪيمن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نادر مگسي ۽ عامر مگسي تي قمبر شهدادڪوٽ جي اسڪيمن جا 2 ارب رُپيا جهل مگسي منتقل ڪرايا، من پسند ٺيڪيدارن کي اربين رُپين جا مبينا طور ٺيڪا ڏنا ويا، 2010ع ۾ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل رستن جا ٺيڪا بلاول شيخ ۽ پرس رام کي مليا، ٻڌايو وڃي ته 850 ملين رُپيا ڪٿي خرچ ٿيا؟ نيب سکر ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ کي خط لکي 29 اپريل تائين رڪارڊ طلب ڪري ورتو.