ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) نيب پ پ ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، شجاع راهپوٽو ۽ ٻين خلاف جاچ ۾ تيزي آڻي ڇڏي ، پ پ ايم اين اي سان ڏيتي ليتي يا زمينن جي خريد و فروخت ڪندڙن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. ان ڏس ۾ نيب جي ڪمبائنڊ انويسٽيگيشن ٽيم مير هزار راهپوٽو، زاهدکوسو، سڪيلڌو کوسو، رخسانه جبين، نسيم اختر، فرزانه آفتاب سومرو کي نوٽيس اماڻي ڄاڻايو آهي ته نيب سيوهڻ جي اڳوڻي تعلقي ناظم ۽ موجوده ايم اين اي سڪندر راهپوٽو، شجاع راهپوٽو ۽ ٻين خلاف ڪرپشن الزامن جي جاچ ڪري رهيو آهي، اوهان سڪندر راهپوٽو، شجاع راهپوٽو ۽ ٻين سان جيڪا ڏيتي ڪئي آهي يا زمينن جا سودا ڪيا آهن، انهن جو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي. نيب طرفان ڄاڻايل ماڻهن کان ديهه بلاول پور ۾ انٽري نمبر 16، انٽري نمبر 17، انٽري نمبر 154، 152، 153، 455، جي سيل ايگريمينٽ سميت ٻيو گھربل رڪارڊ گھريو ويو آهي .