ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڇاڇري جي ٽي ايم اي ۾ ڪوڙن بلن ۽ جعلي ٺيڪن ذريعي مبينا طور ڪروڙين رپيا هڙپ، 2 اڳوڻن ايڊمنسٽريٽرن کي نوٽيس جاري، ان ڏس ۾ نيب جي ڪمبائينڊ انويسٽيگيشن ٽيم ڇاڇري جا اسسٽنٽ ڪمشنر / ايڊمنسٽريٽر رهندڙ سيد محمد علي زيدي ۽ نظيراحمد ابڙو کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، نوٽيسن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽي ايم اي ڇاڇري ۾ جعلي بلن ۽ ڪوڙن ٺيڪن ذريعي وڏي پيماني تي خرد برد ڪئي وئي آهي، نه رڳو ڪوڙن بلن ذريعي ادائگيون ڄاڻايون ويون پر جعلي ٺيڪا ڏئي ڪرپشن ڪئي وئي . نيب طرفان ٻنهي اڳوڻن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اوهان ٽي ايم اي جا ايڊمنسٽريٽر رهي چڪا آهيون، انهي سلسلي ۾ گھربل ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي.