پھرين جون کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان

0
648
پي ايس او ۽ شيل مخلتف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پھرين جون کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦيرڦار جي سمري ناڻي کاتي حوالي ڪئي وئي آھي، اوگرا طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦيرڦار بابت سمري پيٽروليم وزارت ڏانهن اُماڻي وئي هئي، سمري ۾ پيٽرول ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي وئي آھي، ڊيزل 4 رُپيا 30 پئسا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آھي، لائيٽ ڊيزل جا اگهه برقرار رهڻ جا امڪان، وزيراعظم طرفان حتمي منظوري ڏيڻ بعد پيٽروليم شين جي نوَن اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، نوان اگهه پهرين جون کان لاڳو ٿي ويندا..