اسلام آباد (م ڊ) ايف بي آر چيئرمين زبير امجد ٽوانا چيو آهي ته پگهاردار طبقو 375 ارب ۽ ايڪسپورٽرز 100 ارب ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ 36 لک ريٽيلرز رڳو چار کان پنج ارب رپيا ساليانو ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندي ايف بي آر چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ پگهاردار طبقو ٽيڪس ذريعي قومي ناڻي ۾ 375 ارب رپين جو حصو وجهي رهيو آهي. هن چيو ته ايڪسپورٽرز رڳو 90 کان 100 ارب رپيا ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن، سڄي ملڪ ۾ 36 لک ريٽيلرز رڳو 4 کان 5 ارب رپيا ساليانو ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا آهن، ايندڙ مالي سال ۾ ريٽيلرز کان ٽيڪس وصولي 50 ارب رپين تائين ٿي ويندي. زبير ٽوانا چيو ته آءِ ايم ايف پگهاردار ۽ غير پگهاردار طبقي لاءِ هڪ جهڙا سليبس مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو ۽ 45 سيڪڙو کان وڌيڪ شرح مقرر ڪرڻ جو چيو هو پر ڊگهين ڳالهين کانپوءِ آءِ ايم ايف پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪرڻ تي راضي ٿيو.