حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد جي پڪي قلعي جي مک دروازي جا بنياد ڪمزور ڪري ڪيرائڻ جو  انڪشاف، مزدورن دروازي کي ديوارن کان به آجو ڪري ڇڏيو هو، گندي پاڻي جي وهڪري کان به آرڪيالاجي کاتو مک دروازي کي بچائي نه سگهيو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته حيدرآباد پڪي قلعي جي مک دروازي جا بنياد ڪمزور ڪيا ويا جنهن جي ڪري تاريخي قلعي جو تاريخي دروازو ڊهي پٽ پيو. پڪي قلعي ۾ رهندڙ ماڻهن ”پنهنجي اخبار“ کي ٻڌايو آهي ته پڪي قلعي جي دروازي تي ڪم ڪندڙ پورهيت ناتجربيڪار هئا. انهن ابتدائي طور تي پڪي قلعي جون دروازي سان ڳنڍيل ديوارون هٿوڙن سان ڀڃي الڳ ڪيون هيون. دروازو جيئن ئي ديوارن جي ٽيڪ کان آجو ٿيو ته اوچتو ڪري پٽ پيو. علائقي واسين مطابق پڪي قلعي جي مختلف علائقن جو گندو پاڻي به مک دروازي کان گذاريو ويندو آهي. ان پاڻي جي وهڪري کي روڪڻ لاءِ به آرڪيالاجي کاتي ڪڏهن ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو جنهن جي ڪري ان جا بنياد ڪمزور ٿي ويا هئا ۽ نتيجي ۾ جڏهن ڪم شروع ٿيو ته دروازو ڊهي پيو. علائقي واسين اهو انڪشاف ڪيو ته جنهن انداز سان انهن پڪي قلعي جي مک دروازي تي ڪم ٿيندي ڏٺو تنهن مان اهو ظاهر پئي ٿيو ته انتظاميا دروازي کي بچائڻ جي ڪوششن بدران ان کي ڪيرائڻ جي نيت سان ڪم شروع ڪيو هو. هنن ٻڌايو ته پورهيت هٿوڙن سان ديوارون ڀڃي رهيا هئا. گڏوگڏ بيلچن سان مٽي به ڪيرائيندا پئي ويا.