پکو ڀرسان ٻه معصوم ٻارڙا پاڻي جي تلاءُ ۾ ٻڏي فوت

0
233

شھدادپور ويجهو

پکو (ن پ ا) پکو ڀرسان نئون ڳوٺ ۾ پاڻي جي تلاءَ ۾ پير ترڪڻ سبب ٻه معصوم گلن جهڙا ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا

نئون ڳوٺ ۾ 8 ورهين صديق پٽ عبدالشڪور ۽ 9 ورھين مسمات شمائل ڌي  راجب سولنگي راند ڪندي گھرن اڳيان پاڻي جي تلاءُ ۾ ڪري پيا

جنھن کي ڳوٺاڻن ڏسي بيھوشي واري حالت ۾ ٻاھر ڪڍي اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽرن طرفان ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي

ٻنهي ٻارڙن جا لاش گهر پهچڻ تي ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي