اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم 13 سيپٽمبر تي صدر پاڪستان جي خطاب لاءِ طلب ٿيل گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس جو بائڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽  پارليامينٽ ٻاهران  ميڊيا جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.ڪالهه پي ڊي ايم جي مرڪزي مجلس عامله جو اجلاس پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي، قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شيرپائو، جميعت اهلحديث جي علامه ساجد مير، مسلم ليگ (ن) جي احسن اقبال، شاهد خاقان عباسي، جي يو پي جي شاهه اويس نوراني، نيشنل پارٽي جي مير ڪبير احمد، بي اين پي مينگل جي آغا حسن بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ڊي ايم جي ترجمان حافظ حمد الله اعلان ڪيو ته پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته صدر جي خطاب لاءِ 13 سيپٽمبر تي طلب ٿيل گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس مان پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون اجلاس جو بائڪاٽ ڪنديون، بائڪاٽ کانپوءِ پي ڊي ايم جون پارٽيون صحافين جي پارليامينٽ ٻاهران مظاهري ۾ شرڪت ڪنديون، هن چيو ته اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته 26 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ هڪ وڏو ڪنوينشن ٿيندو، جنهن ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين، وڪيلن ۽ بار جي تنظيمن، صحافين، واپارين، مزدورن، هارين سرڪاري ملازمن جي تنظيمن جي نمائندن کي شرڪت جي دعوت ڏينداسين، ان ڪنوينشن جو عنوان آئين تي عملدار، معاشي زبون حالي، ميڊيا ۽ عدليا جي آزادي  هوندو، هن چيو ته هن هفتي ۾ موجوده حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي جو اڇو چٺو به جاري ڪنداسين، 14 آڪٽوبر تي پشاور ۾ اجتماع ٿيندو، 16 آڪٽوبر تي فيصل آباد ۾ جلسو ٿيندو، 31 آڪٽوبر تي ڊيرا غازي خان ۾ جلسو ڪيو ويندو، هن چيو ته جلسا مڪمل ٿيڻ بعد لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو،  هن بلاول ڀٽو زرداري جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان پنهنجون توانايون هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ ۾ خرچ نه ڪنداسين، پي ڊي ايم ترجمان چيو ته پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ حڪومت خلاف تحريڪ ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون ڪرائڻ بابت حڪومت جو هڪ طرفو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪنداسين، ان ذريعي حڪومت ڌانڌلي جو منصوبو ٺاهيو آهي، هي ناجائز طريقي سان ٻيهر قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا، حڪومت ميڊيا جي ڊولپمينٽ لاءِ نه پر ميڊيا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اٿارٽي ٺاهي رهي آهي، هن چيو ته سينيٽ ڪاميٽي ۾ وفاقي وزيرن اليڪشن ڪميشن، پارليامينٽ جي توهين ۽ تذليل ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن تي پيسا وٺڻ جو الزام لڳايو ويو آهي، هي حڪمران چوندا هئا ته ادارن کي آزاد ڪنداسين پر ڌمڪين ذريعي ادارن کي ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿا، وزيرن جي اليڪشن ڪميشن سان رويي جي مذمت ڪيون ٿا، پهريان هنن عدليا تي حملو ڪيو هاڻي اليڪشن ڪميشن  تي حملا ڪري رهيا آهن.