اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پي ڊي ايم کي مئل گهوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پي ڊي ايم جي مئل گهوڙي کي زندهه ڪرڻ جو مقصد نواز شريف کي ڪيسن ۾ رليف ڏيارڻ آهي، جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته هڪ طرف برطانيا ۾ نواز شريف جي ويزا ۾ وڌا نه ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف پي ڊي ايم پنهنجي مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان جو مقصد ڇا آهي؟ اميد هئي ته شهباز شريف بطور ضمانتي نواز شريف جي وطن واپسي کي به پي ڊي ايم جي ايجنڊا کي رکندو، جنهن جي عدالتن ۾ هن ضمانت ڏني هئي، پي ڊي ايم هارايل مُهرن جي اوطاق بڻجي وئي آهي، مولانا صاحب ۽ شهباز شريف گڏجي متاثرن جي انجمن ٺاهين، پي ڊي ايم پهريون ڀيرو جڏهن احتجاج لاءِ نڪتي ته ورهائجي وئي، پوءِ حڪومت کان استعيفا وٺڻ لاءِ نڪتي ته اي اين پي ۽ پ پ پ پي ڊي ايم تان استعيفائون ڏئي ويا، هاڻي پي ڊي ايم جي تحريڪ جو انجام مولانا فضل الرحمان سميت ٻين جي استعيفائن جي صورت ۾ هوندو، اپوزيشن جي انهن اجلاسن سان ڪو فرق نه ٿو پوي، هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ عوام جي عمران خان سان وابستگي وڌيڪ مضبوط ۽ گهري ٿي وئي آهي، عوام عمران خان کي ڪامياب ۽ ڪامران ڏسڻ چاهي ٿو، عمران خان مسلسل محنت، ثابت قدمي ۽ شاندار حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ملڪ جو معاشي بحراني رخ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، عوام کي رليف ڏيڻ پهرين ترجيح آهي، ايندڙ مهينا ۽ سال ملڪي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جا هوندا. گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم وارا ڀلي اجلاس ڪندا رهن، کين بي اعتمادي تحريڪ جِي سمجهه ئي نه آهي. هن چيو ته نواز شريف 16 فيبروري کان فارغ آهي، هُن پاسپورٽ رينيو ڪرائڻ لاءِ درخواست نه ڏني، ڀارت ۽ افغان ايجنسي اين ڊي ايس، پاڪستان خلاف سازش ڪري رهيون آهن، ايندڙ 6 مهينا خطي لاءِ انتهائي اهم آهن.