اسلام آباد: ملڪي سياسي صورتحال ۾ پي ڊي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر سرگرم ٿي ويو آهي. مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن جي سربراهن ۽ اڳواڻن جو اجلاس 26 اپريل تي سڏائي ورتو آهي. اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي کي دعوت نه ڏني وئي آهي، اجلاس ۾ انهن ٻنهي پارٽين جي شرڪت کان سواءِ حڪومت مخالف تحريڪ تي مشاورت ڪئي ويندي ۽ عيدالفطر کانپوءِ لانگ مارچ تي غور ڪيو ويندو.