پي ٽي وي تي اينڪرز پاران حجاب ڪرڻ بابت فواد چوڌري جو رد عمل

0
284
پي ٽي وي تي اينڪرز

ڪراچي(م ڊ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سرڪاري ٽي وي پاڪستان ٽيلي ويزن نيوز تي عورت اينڪرز پاران حجاب پائڻ بابت خبرن جي وضاحت ڪري ڇڏي.
پي ٽي وي تي نيوز اينڪرز کي حجاب ۾ ڏٺو ويو ته سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪرڻ لڳيون ته حڪومت جي طرفان پي ٽي وي تي نيوز پريزينٽرز جي لاءِ حجاب پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
ان حوالي سان فواد چوڌري ٽوئٽر تي پنهنجو بيان جاري ڪيو ۽ اهڙين خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته حجاب پائڻ يا نه پائڻ اينڪرز جو ذاتي فيصلو آهي.
فواد چوڌري چيو ته اسان پنهنجي اينڪرز ۽ پريزينٽرز تي اهڙو ڪو به ڊريس ڪوڊ لاڳو نٿا ڪري سگهون.