پي ٽي آءِ ڇا چاهي ٿي ته سئو سيڪڙو نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي وڃن؟عدالت اڳيان ڏک نه ٻڌايو: چيف جسٽس

0
61
پي ٽي آءِ ڇا چاهي ٿي ته سئو سيڪڙو نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي وڃن؟عدالت اڳيان ڏک نه ٻڌايو: چيف جسٽس
پي ٽي آءِ ڇا چاهي ٿي ته سئو سيڪڙو نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي وڃن؟عدالت اڳيان ڏک نه ٻڌايو: چيف جسٽس

اسلام آباد: ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ بابت توهين عدالت جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پي ٽي آءِ ڇا چاهي ٿي ته سئو سيڪڙو نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي وڃن؟

هن چيو ته قانون جي عدالت آهي، زباني تقرير سان نه ٿي هلي سگهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن غلط بياني ڪئي آهي ته لکت ۾ جواب جمع ڪرايو وڃي

ميان محمد علي مظهر چيو ته پي ٽي آءِ جي 1195 ماڻهن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، اسان جي سامهون چيف سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جون رپورٽس آهن

 پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته پي ٽي آءِ جي فرنٽ لائن اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور نه ٿيا آهن

چيف جسٽس چيو ته اوهان انهن رپورٽس کي نٿا سمجهو ته پوءِ لکت ۾ ڪجهه آڻڻو پوندو، کوسا صاحب اوهان هتي بيهي رپورٽ رد نٿا ڪري سگهو، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن غلط بياني ڪئي آهي ته اوهان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو