پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار

0
269
پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار
پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار

اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو، 12 جولاءِ تي ڪيس جي ٻڌڻي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاور محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل پيش نه ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

جج رمارڪس ۾ چيو ته اسان پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل کي وقت ڏنو پر هن دليل نه ڏنا

ان کان اڳ جج همايون دلاور پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل گوهر کي مخاطب ٿي چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ عدالت توهان سان انتهائي نرم رويو اختيار ڪيو آهي، اهڙي نرم رويي جو ڪٿي مثال ئي نه ٿو ملي، گذريل ٽن ڏينهن دوران خواجا حارث هڪ ڀيرو به پيش نه ٿيو آهي

عدالت چيو ته عدالت جي نرم رويي جو ناجائز فائدو ورتو ويو آهي، اڄ توهان دليل نه ڏنا ته پوءِ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي ٻڌي فيصلو ڏئي ڇڏيندس

هن کي به پڙهندا

توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضريءَ کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ واري درخواست منظور

آءِ ايم ايف وفد پاران اسٽينڊ باءِ معاهدي کان اڳ ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين سان ملاقاتون