اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي پارلياماني پارٽي اجلاس بابت اندروني خبر سامهون اچي وئي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي پارليماني پارٽي اجلاس دوران پارٽي اڳواڻن ۾ اختلافن ۽ جهيڙن تي ميمبرن ڳالهايو، عمر ايوب ۽ بئرسٽر گوهر جي موجودگيءَ ۾ ميمبرن قيادت جي ڪارڪردگيءَ تي خدشن جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب هڪ ميمبرن انڪشاف ڪيو ته عمر ايوب جي استعيفا بعد پنجاب ۾ متبادل آڻڻ جي ڪوشش شروع ٿي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو ته ميمبرن راءِ ڏني آهي ته شيخ وقاص اڪرم کي عمر ايوب جي متبادل طور سامهون آندو پيو وڃي، اسد قيصر قيادت جي اختلافن ۽ مسئل جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري. ذريعن جو چوڻ آهو ته پارلياماني پارٽي جي ميمبرن راءِ ڏني آهي ته پاڻ ۾ نفرتون ختم ڪيون وڃن، بئرسٽر گوهر علي، عمر ايوب ۽ زرتاج گل پارٽي جي اختلافن جي خاتمي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي اتفاق ڪيو.