پي ٽي آءِ حڪومت مخالفن کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ قانونسازي ڪري رهي آهي:سعد رفيق

0
195
عمران خان جون دعوائون

ڪراچي: نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آھي تھ پي ٽي آءِ حڪومت مخالفن کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ قانونسازي ڪري رهي آهي،ڪاري قانون سان حڪمران پاڻ سوڙها ٿيندا

 نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عارف علوي غلامي ڪندي ايوانِ صدر جي بي توقيري ڪري ٿو، ميڊيا ۽ اليڪشن آرڊيننس بدنيتي تي ٻڌل آهن، ياد رکو اهي سموريون قانونسازيون واپس ٿينديون

قانونسازي جون فيڪٽريز جلد مٽي جو ڍير ٿي وينديون، حڪومت پنهنجي انجام ڏانهن وڌي رهي آهي، حڪومت تي عوامي عوامي اعتماد ختم ٿي چڪو آهي، سعد فيق طرفان جهانگير ترين ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات بابت سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آھي