لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو ورچوئل جلسو ڪوٺايو ويو. ورچوئل جلسي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت ۽ روپوش اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. جلسي ۾ پي ٽي آءِ جي روپوش اڳواڻن حماد اظهر، قاسم سوري، زرتاج گل، علي محمد خان، پرڏيهه ۾ رهندڙ ذوالفي بخاري، شهباز گِل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چونڊن جي حوالي سان به ڳالهايو ويو. وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪارڪن چونڊن جي تياري ڪن، پي ٽي آءِ ڀرپور نموني اليڪشن ۾ حصو وٺندي. جلسي جو اهتمام لاهور ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي ئي سردار لطيف کوسا تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.