پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ٻئي ڏينهن به لاهور جي حدن ۾ موجود

0
124

لاهور: پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ ٻئي ڏينهن به لاهور جي حدن ۾ موجود آهي، لانگ مارچ اڄ شاهدرا جي آزادي چوڪ کان اسلام آباد روانو ٿيندو

لاهور جي لبرٽي چوڪ کان شروع ٿيل پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ رات دير سان داتا درٻار وٽ پهتو هو

عمران خان چيو آهي ته ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جو ڪو به ارادو نه آهي، آئون نه ٿو چاهيان ته منهنجي بيان سان اداري کي ڪو نقصان پهچي، جيڪي چورن جي ٽولي جا سهولتڪار آهن، ماڻهو اُنهن جي به خلاف ٿي رهيا آهن

هن چيو ته  آئون جواب ڏيڻ سان گڏ گهڻو ڪجهه ڳالهائي سگهان ٿو، ادارن ۽ ملڪ خاطر خاموش آهيان، اسان جا فيصلا واشنگٽن ۽ لنڊن بدران پاڪستان ۾ ٿيڻ گهرجن