پي ٽي آءِ باني کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت نه ملي

0
65
عمران اسٽبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽين سان ڳالهين جي اجازت ڏئي ڇڏي: حڪومت سنجيده آهي ته شرط طئي ڪري: پي ٽي آءِ
عمران اسٽبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽين سان ڳالهين جي اجازت ڏئي ڇڏي: حڪومت سنجيده آهي ته شرط طئي ڪري: پي ٽي آءِ

تحريڪ انصاف جي باني کي لاهور ۽ ميانوالي جي تڪن تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت نه ملي سگهي آهي

اليڪشن ٽربيونلز پي ٽي آءِ جي باني جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون، لاهور جي اليڪشن ٽربيونل اين اي 122 تي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف پي ٽي آءِ باني جي اپيل رد ڪري ڇڏي

ميانوالي جي قومي تڪ اين اي 89 تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل به رد ڪيا ويا آهن

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ياسمين راشد کي لاهور جي قومي تڪ اين اي 130 تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي

 لاهور جي اپيليٽ ٽربيونل ياسمين راشد جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، رٽرننگ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي ٽربيونل پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو