اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ تحريڪ انصاف اڳواڻن خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ راجا خرم نواز عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت جي طلب ڪرڻ تي علي امين گنڊاپور پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت کيس مسلسل غير حاضر رهڻ تي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، عدالت جوابدار جو اشتهار جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ضمانت جي درخواست به رد ڪري ڇڏي. گڏوگڏ عدالت علي نواز اعواڻ جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 12 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.