لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ لاءِ اساما مير کي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ (اين او سي) جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي جو چون آهي ته اساما مير کي ٻه ليگز جي حد جي ڪري وڌيڪ اين او سي نه ڏنو ويو. اساما مير پهرين جولاءِ 2023ع کان 30 جون 2024ع تائين سائيڪل ۾ ٻه ليگز کيڏي چڪو آهي. ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته اساما مير گذريل سال دي هنڊريڊ ۽ بگ بيش ليگ ۾ شرڪت ڪئي هئي. پي سي بي سان ڪنٽريڪٽ ڪندڙ رانديگر کي پي ايس ايل کان سواءِ ٻه ٻيون ليگز کيڏڻ جي اجازت هوندي آهي. ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ اساما مير کي ووسٽر شائير ريپڊز جي نمائندگي ڪرڻي هئي. اين او سي نه ملڻ بعد ٽيم اساما مير جو معاهدو ختم ڪري ڇڏيو آهي. ٽي ٽوئٽي بلاسٽ جي فرنچائز ووستر شائر اساما مير جي جاءِ تي ويسٽ انڊيز جي هيڊن واش کي چونڊي ورتو آهي.