پي ايس ايل2021 لاءِ متبادل رانديگرن جو هڪ ٻيو ڊرافٽ تيار: شڪيب آئوٽ

0
328

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي ڇهين ايڊيشن جي رهيل ميچز لاءِ متبادل رانديگرن جو هڪ ٻيو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي. پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جي رهيل ميچز جي ابوظهبي منتقلي ۽ شيڊيول ۾ تبديلي سبب وڌيڪ ڪجهه ڪرڪيٽر هٿ کڻي ويا آهن. ڊرافت ۾ ٽيمن رانديگرن جي چونڊ ڪري پنهنجي اسڪواڊ کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سمورين ٽيمن وٽ 2 واڌو رانديگرن جي چونڊ جو آپشن هو ته جيئن هو ليگ جي رهيل ميچز لاءِ پنهنجي اسڪواڊ ۾ موجود رانديگرن جو انگ 20 ڪري سگهن. رانديگرن جي اسڪواڊ ۾ شموليت ۽ موجودگي، سفري ۽ قرنطينه جا شرط به رکيا ويا آهن. ملتان سلطانز سڀ کان پهريان چونڊ ڪندي ويسٽ انڊين بيٽسمين شيمرون پٽمائر کي ٽيم جو حصو بڻايو، جنهن کانپوءِ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز افغانستان ڪرڪيٽر ظاهر خان کي چونڊيو. ملتان سلطانز کي ٻيهر رانديگرن جي چونڊ جو موقعو مليو ته هڪ ٻئي ويسٽ انڊين رانديگر اسٽار جانسن چارلس کي اسڪواڊ جو حصو بڻايو. لاهور قلندرز سنگاپور ڄائي آسٽريلين ڪرڪيٽر ٽم ڊيوڊ جي چونڊ ڪئي، ڪوئيٽا آسٽريلين جيڪ ولڊرمت کي چونڊيو، جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽڊ گجرانوالا واسي نوجوان محمد اخلاق کي چونڊيو.