ابوظهبي/ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ڪرائڻ لاءِ ٽيڪنيڪل مسئلا به حل ٿي ويا، پاڪستان مان رانديگر ۽ آفيشل خاص اڏامن ذريعي ابوظهبي پهچي ويا، حڪومتي ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي رابطن بعد عرب امارات جي حڪومت ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا جي براڊڪاسٽنگ عملي کي آڻڻ لاءِ جهازن کي اجازت ڏئي ڇڏي. پاڪستان سپر ليگ جي ڇهين ايڊيشن جي باقي رهيل ميچن لاءِ پاڪستان مان رانديگر ابوظهبي پهچي ويا آهن. ميچون کيڏندڙ رانديگرن، سپورٽ اسٽاف، براڊڪاسٽرز ۽ آفيشلز کي کڻي ڪراچي مان پي آءِ اي جي فلائٽ 25 منٽن جي دير سان شام 5.25 منٽن تي رواني ٿي ۽ ٻن ڪلاڪن بعد ابوظهبي پهتي. جهاز ۾ 57 مسافر سوار هئا جڏهن ته 65 مسافرن جي روانگي طئي هئي پر ويزا نه ملڻ سبب 25 مسافر نه وڃي سگهيا. کين جناح ٽرمينل بدران پراڻي ٽرمينل تان اماڻيو ويو. روانگي کان اڳ ميڊيڪل عملي ڪووڊ 19 ٽيسٽ رپورٽن جو جائزو ورتو، اميگريشن جو خاص عملو مقرر ڪيو ويو. ٻيو جهاز لاهور مان روانو ڪيو ويو. پهرين عرب امارات جي حڪومت براڊ ڪاسٽنگ عملي کي ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا مان آڻيندڙ جهازن کي لينڊنگ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن ڪري پي سي بي مونجهارن ۽ پي ايس ايل جي باقي ميچن جو انعقاد خطري ۾ پئجي ويو پر پاڪستان جي حڪومت ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي ڪوششن سان شام ڌاري عرب امارات جي حڪومت جهازن کي لينڊنگ جي اجازت ڏني جنهن سان ٽورنامينت تان خطرا ٽري ويا.