پي آءِ اي جو مالي بحران برقرار، ڪيتريون ئي اڏامون معطل

0
151

قومي ايئر لائن پي آءِ  اي جو مالي بحران برقرار آهي، پي ايس او ٻارڻ جي فراهمي ۾ به گهٽتائي ڪري ڇڏي، ڪيتريون ئي اڏامون معطل، ذريعن موجب پي آءِ اي جو فلائٽ آپريشن متاثر ٿيڻ لڳو آهي، مسافرن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي

 ذريعن موجب ملڪ جي مختلف ايئرپورٽس تان پي آءِ اي جون 25 کان وڌيڪ اڏامون معطل ڪيون ويون آهن

 پي ايس او پاران ڪراچي کان اسلام آباد، ڪوئيٽا، بهاولپور، لاهور، گوادر ۽ ملتان  جون اڏامون ٻارڻ جي گهٽ فراهمي سبب ملتوي ڪيون ويون