پيپلز پارٽي پاران چونڊن جي تياري شروع، ڄامشورو مان اميدوارن ٽڪيٽن لاءِ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون

0
197
پيپلز پارٽي پاران چونڊن جي تياري شروع، ڄامشورو مان اميدوارن ٽڪيٽن لاءِ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون
پيپلز پارٽي پاران چونڊن جي تياري شروع، ڄامشورو مان اميدوارن ٽڪيٽن لاءِ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون

ڀان سيدآباد: پيپلز پارٽي عام چونڊن جي تياري شروع ڪري ڇڏي، ڄامشوري ضلعي مان اميدوارن ٽڪيٽن لاءِ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون

ڄامشوري جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 226 تي پارٽي ٽڪيٽ لاءِ اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

اين اي 226 ڄامشورو تي اڳوڻي ايم اين اي سردار سڪندر علي راهپوٽو، اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شوري به پارٽي قيادت کي ٽڪيٽ لاءِ درخواست جمع ڪرائي

ذريعن موجب صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 77 سيوهڻ لاءِ اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سندس ڪورنگ لاءِ سڪندر راهپوٽي درخواست جمع ڪرائي

پي ايس 78 ٿاڻو بولاخان ۽ مانجهند لاءِ ملڪ اسد سڪندر جي وڏي پٽ ملڪ سڪندر خان جونيئر، اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر موهن لعل ڪوهستاني ۽ پ پ ضلعي صدر آصف علي شاهه درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

ذريعن موجب پي ايس 79 ڪوٽڙي ڄامشورو لاءِ اڳوڻي ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر، ڊاڪٽر سڪندر شورو پارٽي قيادت وٽ درخواستون جمع ڪرايون

ذريعن موجب اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هن ڀيري قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي اليڪشن وڙهندو، سڪندر راهپوٽو موجب پارٽي ٽڪيٽن جو فيصلو مرڪزي قيادت ڪندي، اسان کي پارٽي جو هر فيصلو قبول هوندو

اڳوڻي ايم اين اي سڪندر راهپوٽو  موجب مراد علي شاهه محسن آهي، اسان سندس قيادت ۾ متحد آهيون، جيڪو فيصلو ڪندو ان کي قبول هوندو